ڇوٽي غلام علي خان

ڇوٽي غلام علي خان

ڇوٽي غلام علي خان

ڇوٽي غلام علي خان: ڪلاسيڪي گوَيو استاد ڇوٽي غلام علي خان ضلعي سيالڪوٽ جي ڳوٺ ڪالي ڪي ٽانگري ۾ پيدا ٿيو. اٺن نون سالن جو ٿيو هو ته کيس ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو. راڳ جي باقاعدي سکيا لاهور ۾ ورتائين. فن ۾ سندس ٽي استاد بڙي غلام علي خان، استاد برڪت علي خان ۽ مبارڪ علي خان هئا. 1960ع ۾ لاهور ريڊيو تان متعارف ٿيو، ساڳئي سال عوام آڏو اوپن ايئر ٿيٽر لاهور ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيائين ۽ پوءِ شهرت ماڻيندو رهيو. استاد ڇوٽي غلام علي شڪارپور جي هانڊن ۾ به اڪثر شريڪ ٿيندو هو. سندس آواز گرجدار ۽ محفل ۾ ويٺلن کي متاثر ڪندڙ هوندو هو. خيال جي گائڪيءَ جا ٽي مرحلا يعني آلاپ، بلمپت ۽ ورت نهايت سٺي انداز سان پيش ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هو. گهمڪ تانَ سندس گائڪيءَ جي خوبي هوندي هئي. ڪلاسيڪي موسيقيءَ کان سواءِ سرائيڪي ڪافيون پنجاب جي صوفي شاعرن توڙي ناصر ڪاظمي، قتيل شفائي، صوفي تبسم، فيض احمد فيض، مير تقي مير ۽ ٻين ڪيترن ناليوارن شاعرن جو ڪلام ڳائيندو هو. هيءُ 1974ع ۾ فن جي مظاهري لاءِ انگلنڊ ويو. 1976ع ۾ ڪويت، ان کان پوءِ بحرين، آمريڪا، ڪيناڊا، آسٽريليا، چين سميت ڪيترن ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪيائين. ڇوٽي غلام علي ’ايڪ تهي لڙڪي‘ هير رانجها فلم سميت ڪجهه ٻين فلمن ۾ به گانا فلمايا. هن جي مشهور ڪلامن ۾ ’تمهاري خط ۾ نيا اڪ سلام ڪس ڪا تها‘، ’ڇپڪي ڇپڪي رات دن آنسو بهانا ياد هين‘ وغيره آهن. ڇوٽي غلام علي جو هڪ پٽ حيدر عباس فن سان لاڳاپيل آهي.


لفظ ڇوٽي غلام علي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو